اسلام آباد(بيورو رپورٽ)جمهوريه انڊونيشيا جي صدر پرابووو سوبيانتو اعليٰ سطحي وفد سان گڏ ٻن ڏينهن جي دوري تي پاڪستان پهچي ويو آهي.
پي ٽي وي موجب اسلام آباد پهچڻ تي صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف، انڊونيشيا جي صدر پرابووو سوبيانتو ۽ اعليٰ سطحي وفد جو استقبال ڪيو. کيس 21 توپن جي سلامي پيش ڪئي وئي ۽ ٻارن گلدستا پيش ڪيا.
انڊونيشيا جي صدر جو هي دورو ان لحاظ کان به خاص اهميت رکي ٿو ته هن سال پاڪستان ۽ انڊونيشيا جي سفارتي تعلقات جي قيام جي 75هين سالگيرهه ملهائي پئي وڃي. انڊونيشيا جي صدر پرابووو سوبيانتو پهريون ڀيرو اسلام آباد آيا آهن.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب، صدر پرابووو سوبيانتو پنهنجي ٻن ڏينهن جي قيام دوران وزيراعظم سان وفدن جي سطح تي ڳالهيون ڪندو. هو صدر آصف علي زرداري، چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فِيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان به ملاقاتون ڪندو.
دوري دوران، ٻئي ملڪ واپار، سيڙپڪاري، دفاع، صحت، آءِ ٽي، موسمياتي تبديلي، تعليم، ثقافت سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ ۽ علائقائي ۽ عالمي سطح تي ڀائيواري کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ بابت جامع ڳالهه ٻولهه ڪندا.
صدر پرابووو جي دوري جي موقعي تي ٻنهي ملڪن وچ ۾ مفاهمت جي يادداشتن تي دستخط ٿيڻ جو به امڪان آهي.
وزيراعظم شهباز شريف سان انڊونيشيائي صدر جي وفدن جي سطح تي ٿيندڙ ڳالهين ۾ واپار، سيڙپڪاري، دفاع، صحت، آءِ ٽي، تعليم ۽ ڪلائيميٽ جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي خيالَ جي ڏي وٺ ٿيندي، ۽ ڪيترين مفاهمتي يادداشتن تي دستخط ٿيڻ جي اميد آهي.
ترجمان موجب پاڪستان ۽ انڊونيشيا ويجها، پراڻا ۽ خوشگوار لاڳاپن وارا ملڪ آهن، ۽ ٻنهي ملڪن جي سفارتي تعلق جا 75 سال مڪمل ٿيڻ سان هن دوري جي اهميت وڌيڪ وڌي وئي آهي.










