مانجهند (مهراڻ عمراڻي) لڪي شاه صدر ويجهو ڇٽا هوٽل انڊس هاءِ وي تي دادو کان ڄامشورو طرف ويندڙ ڪوچ جو سڪرنڊ کان سيوهڻ طرف ويندڙ ڪار کي زوردار ٽڪر هڻڻ جي نتيجي ۾ سڪرنڊ واسي 2 دوست ڪار سوار 35 ورهين جو عبدالشڪور خانزادو ۽ 25 ورهين جو فيضان مغل موقعي تي چيپاٽجي فوت ٿي ويا. خوفناڪ حادثي سبب ڪار ۾ فوت ٿيلن جا لاش ھڪ ڪلاڪ تائين دٻيل رهيا جنهن بعد پوليس ۽ رضاڪارن سخت جدوجهد کان پوءِ ڪار جي حصن کي ڪٽي لاشن کي ٻاهر ڪڍي تعلقه اسپتال سيوهڻ منتقل ڪيو جتي لاشن جي پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا. حادثي سبب انڊس هاءِ وي هڪ ڪلاڪ تائين بند ٿي ويو جنهن سبب روڊ جي ٻنهي طرفن کان سوين گاڏيو بيهجي ويون جنهن ۾ پوليس حادثي وارين گاڏين کي ڪرين ذريعي هٽائي روڊ کولرايو. فوتي دوست سڪرنڊ کان درگاه لڪي شاه صدر ۽ قلندر شهباز جي زيارت لاءِ وڃي رهيا هئا ته واقعو پيش آيو. ٿيٻاٽ پوليس ڪوچ کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو جڏهن ته ڊرائيور فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.










