مانجهند (رپورٽ مهراڻ عمراڻي)خاڻوٺ ڀرسان ڳوٺ انب کوسو انڊس هاءِ وي تي دادو کان حيدرآباد طرف ويندڙ تيز رفتار ڪار ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪرڻ ڪلٽيون کائي اونهي کڏ ۾ ڪرڻ جي نتيجي ۾ عورت مسمات شرما شاهنواز ملڪ محمد عمر ملڪ مقصود سولنگي سميت 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا زخمين کي مقامي ماڻھن مانجهند اسپتال منتقل ڪيو جتي علاج جي سهولت نه هئڻ سبب سول اسپتال حيدرآباد ريفر ڪيو ويو.










