انڊس هاءِ وي تي خوفناڪ حادثو 15 فوت 6 زخمي

انڊس هاءِ وي تي خوفناڪ حادثو 15 فوت 6 زخمي

مانجهند (رپورٽ مهراڻ عمراڻي)مانجهند ڀرسان انڊس هاء وي تي ٽرالر ۽ وين ۾ خوفناڪ ٽڪر ڪراچي ويندڙ لوڻ جي ڪارخاني جا 12 ڳڀرو نوجوان پورهيتن ٻن مسافر عورتن سميت 15 ڄڻا فوت 6 ڄڻا زخمي،چيڀاٽجي فوت ٿيل ٻن عورتن سميت 4 لاشن کي هڙن ۾ ويڙھي آندو ويو اسپتال ۾ دوائن ڊاڪٽرن عملي ۽ سهولتن جي کوٽ جي شڪايت تي ايم ايس معطل ، تفصيل موجب مانجهند ڀرسان انڊس هاء وي تي ڄامشورو کان سيوهڻ طرف ويندڙ ڪوئلي سان ڀريل ٽرالر ۽ ڪنڊيارو جي ڳوٺ پنهل خان ڪلهوڙو مان لوڻ جي ڪارخاني ۾ پورهئي لاء ڪراچي ويندڙ وين آمهون سامهون ٽڪرائجي وڃڻ جي نتيجي ۾ ٻن سڳن ڀائرن ۽ ٻن عورت سميت 15 ڄڻا فوت جڏھن ت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا فوتين ۾ ڳوٺ پنهل خان ڪلهوڙو لڳ ڪنڊيارو جا رهواسي 25 ورهين جو عاشق ڪلهوڙو 27 ورهين جو معشوق ڪلهوڙو 30 ورهين جو الطاف ماڇي سندس28 ورهين جو ڀاء سعيد ڪلهوڙو 35 ورهين جو راهب ماڇي 24 ورهين جو شفي محمد ڪلهوڙو 22 ورهين جو ساجد سولنگي آصف ڪلهوڙو35 ورهين جو شفيق ڪلهوڙو 31 ورهين جو شڪيل ڪلهوڙو وڪيل ڪلهوڙو سڪندر ڪلهوڙو شامل آھن جڏھن ت مسافر 2 فوتي عورتن هڪ 12 ورهين جي نينگر جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي هئي فوتين جي لاشن ۽ زخمين کي بيڊ نه هئڻ سبب زمين تي رکيا ويا جنهن ۾ ڊي سي ڄامشورو جي سامهون زمين تي پيل هڪ لاش جي تصوير سوشل ميڊيا ۾ پڻ وائرل ڪئي وئي اسپتال ۾ دوائن جي سهولت نه هئڻ سبب 5 ڄڻن اسپتال ۾ تڙپي دم ڏنو مانجهند ۽ ڀرپاسي ۾ 15 ڪلاڪن کان بجلي بند هئڻ ۽ اسپتال جو جنريٽر خراب هئڻ سبب زخمي تڙپندا رهيا مانجهند پوليس ٽرالر کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو،مانجهند ڀرسان خوفناڪ حادثي ۾ معجزانه طور اڪيلي محفوظ نوجوان انور علي سولنگي ٻڌايو ت ڪنڊيارو جي ڳوٺ پنهل خان ڪلهوڙو مان لوڻ جي ڪارخاني ۾ پورهيو ڪرڻ لاء ڳوٺ جا 17 نوجوان وين ۾ سوار ٿي ڪراچي وڃي رهيا هئاسين ت مورو مان ٻ عورتون ۽ ھڪ 12 ورهين جو نينگر به ساڻن گڏ سوار ٿي وڃي رهيا هئاسين ت کيس ننڊ اچي وئي ڌماڪي جي آواز تي سجاڳ ٿيس ت هر طرف ڪيهاٽ پيل هئا عورتن ۽ نينگر کان سواء باقي 12 ڄڻا منهنجا عزيز ۽ دوست هئا جن کي سڃاڻپ به ڪئي اٿم فوتين ۾ ٻ سڳا ڀائر شامل آھن مانجهند ڀرسان خوفناڪ حادثي کان 2 ڪلاڪن بعد ڊي سي ڄامشورو ڪيپٽن ريٽامرڊ فريدالدين مصطفي ۽ ڊي ايس پي آمري جڏھن ت 3 ڪلاڪن کان پوء ايس ايس پي جاويد بلوچ 4 ڪلاڪن بعد اي سي نظام الدين جتوئي 5 ڪلاڪن کان پوء ايم ايس اسپتال نورالله لاڙڪ ڊي ايڇ او صحت ڊاڪٽر ونود ڪمار ايس پي موٽر وي سميت عملدار پهتا ڊي سي ڄامشورو اسپتال ۾ پهچڻ تي زمين تي پيل لاشن تي سخت ناراضگي جو اظھار ڪيو جنهن کان پوء ڄامشورو مان دوائون گهرايون ويون خراب ڄاڻايل جنريٽر ۾ ڳوٺاڻن تيل وجهرايو ت اسٽارٽ ٿي ويو ،مانجهند اسپتال ۾ حادثي جي اطلاع تي سوين شھري پهچي ويا اسپتال ۾ سهولتن جي فقدان سبب سماجي شخصيت ديدار ميمڻ فوتين جي لاشن مٿان چادرون ۽ اجرڪون وڌيون جڏھن ت زخمين جي لاء جوس ۽ ٿڌي پاڻي جي بوتلن جو انتظام ڪيو جڏھن ت سياسي سماجي ڌرين طرفان سخت احتجاج ڪندي ڊي سي جي موجودگي ۾ انتظاميا خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي ،مانجهند ڀرسان حادثي ۾ اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر ڊاڪٽر نورالله لاڙڪ کي معطل ڪيو ويو جنهن جي تصديق ڊي سي ڄامشورو ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪئي مانجهند اسپتال ۾ ڊي سي ڄامشورو جي پهچڻ تي مڇريل ماڻھن جو سهولتن جي کوٽ خلاف نعريبازي ايم ايس ڊاڪٽر نورالله لاڙڪ کي دير سان پهچڻ تي مڇريل ماڻھن گهيراء ڪري مارڪٽ جي ڪوشش کيس ٿيلها ڏنا ويا پوليس کيس ڇڏائي ڪمري ۾ ويهاريو،مانجهند واقعي جي فوتين جي عزيزن جي پهچڻ تي روڄ راڙو پئجي ويو وارث پنهنجي پيارن جي لاشن کي چپڙي زاروقطار روئندا رهيا ڊي سي طرفان گهرايل ايمبولنسن ذريعي لاش سندن حوالي ڪيا ويا ٻن عورتن ۽ ھڪ نينگر جي سڃاڻپ نه ٿيڻ سبب لاشن کي ايڌي سينٽر حوالي ڪيو ويو

پهنجو تبصرو موڪليو