انٽر بئنڪ ۾ رپئي جي مقابلي ۾ ڊالر سستو ٿي ويو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) انٽر بئنڪ ۾ رپئي جي مقابلي ۾ ڊالر جي قدر ۾ گهٽتائي جو رجحان ڏٺو پيو وڃي.گذريل ڪاروباري هفتي جي پڄاڻي تي انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قيمت 6 رپيا 63 پئسا گهٽ ٿي وئي ۽ هڪ ڊالر 278 رپيا 46 پئسا تي بند ٿيو.اڄ ڪاروباري هفتي جي پهرئين ڏينهن انٽر بئنڪ ۾ به ڊالر جي قدر ۾ گهٽتائي ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي ۽ ڪاروبار جي شروعات تي ئي ڊالر 3 رپيا 46 پئسا سستو ٿي ويو آهي.هن وقت هڪ آمريڪي ڊالر لاءِ انٽر بئنڪ جي مٽا سٽا جي شرح 275 رپيا آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو