اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد عمر گرفتار پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري جي آزادي جي تاريخ جو اعلان ڪري ڇڏيو. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ اسد عمر چيو ته انشاءَ الله اڄ فواد چوڌري کي سندس غير قانوني نظربندي مان آزاد ڪيو ويندو. پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جو چوڻ آهي ته قوم جي حقيقي آزادي لاءِ فواد چوڌري جو آواز ٻيهر ٻڌو ويندو.
آج انشاءاللہ فواد چوہدری اپنی غیر قانونی حراست سے آزاد ہو گا اور قوم کی حقیقی آزادی کے لئے اس کی آواز پھر گونجے گی.
#فواد_چوہدری_کو_رہا_کرو— Asad Umar (@Asad_Umar) January 31, 2023










