ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي 7 ضلعن جي ڏورانهن علائقن ۾ 5 هزار ٽوائلٽس (سنداسن) جي تعمير جو عمل مڪمل ڪيو ويو.ٻهراڙيءَ جي علائقن ۾ ٽوائلٽس جو نه هجڻ هميشه کان هڪ وڏو مسئلو رهيو آهي، ۽ پسمانده علائقن ۾ صفائي ۽ پردي جا مناسب انتظام نه هجڻ ڪري ڪيترائي مسئلا جنم وٺندا آهن. ان ئي ضرورت کي نظر ۾ رکندي، هڪ فلاحي اداري پاران لاڙڪاڻي جي ڳوٺ رتوڪوٽ ۾ پڪن ٽوائلٽس جي تعمير جو منصوبو شروع ڪيو ويو ته ماڻهن سکن جو ساهه کنيو. ان کان پوءِ، لاڙڪاڻي جي پسمانده علائقن ۾ فلاحي اداري پاران ٽوائلٽس جي تعمير جو هي منصوبو سنڌ جي 7 ضلعن تائين ڦهلائي ويو ۽ هينئر تائين 5 هزار کان وڌيڪ ٽوائلٽس تعمير ڪيا ويا آهن. مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته ٽوائلٽس جي تعمير سان خاص ڪري عورتن، بزرگن ۽ ٻارن کي وڏي سهولت ملي آهي، جڏهن ته صفائيءَ جي صورتحال ۾ به نمايان بهتري آئي آهي.










