انجنيئر جي گهرڀاتين سان حادثو، هڪ پٽ فوت، ٻيو زخمي

انجنيئر جي گهرڀاتين سان حادثو، هڪ پٽ فوت، ٻيو زخمي

نوشهروفيروز(مشتاق حسين مري) قومي شاهراهه تي تيز رفتار ويگو ايڪسل ٽٽڻ سبب ڪلٽي ٿي پئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو راحيل جاويد ٽانوري موقعي تي فوت ٿي ويو آهي جڏهن ته سندس ڀاءُ سالار عرف سني ٽانوري سخت زخمي ٿي پيو آهي. واضح رهي ته فوتي نوجوان نوشهروفيروز جي اسڪارپ ايريگيشن انجنيئر جاويد آفتاب ٽانوري ۽ ڊاڪٽر ارم ٽانوري جو پٽ هو جيڪو ماءَ ۽ ڀاءُ سان ڪراچي وڃي رهيو هيو ته حادثو پيش آيو. نوجوان جو لاش ۽ زخمي نوجوان کي محبت ديرو نيو ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو