دادو(ن سنڌيار)دادو جي عدالت ۾ ام رباب چانڊيو جي ٽن گهر ڀاتين والد مختيار چانڊيو، ڏاڏي ڪرم الله چانڊيو ۽ چاچي قابل چانڊيو جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي،فريادي ڌر پرويز چانڊيو، ام رباب چانڊيو عدالت نه پهتا الزام هيٺ آيل پ پ پ ايم پي اي برهان خان چانڊيو عدالت ۾ پيش ٿيو جڏهن ته الزام هيٺ آيل پ پ پ ايم پي اي سردار احمد چانڊيو جي طبعيت خراب هجڻ سبب نه پهچي سگهيو، سندس وڪيل درخواست داخل ڪرائي گرفتار ٿيل جوابدارن ذوالفقار،مرتضيٰ سڪندر ۽ ٻين کي حيدرآباد جيل مان دادو ڪورٽ پيش ڪيو ويو فريادي ڌر نه اچڻ ۽ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس هلڻ سبب ڪرمنل ٽرائيل ماڊل ڪورٽ جي جج نديم بدر قاضي جي عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 16 جولائي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










