امير حيدر شاهه جو فرزند سيد احمد زمان شاهه لاڏاڻو ڪري ويو

امير حيدر شاهه جو فرزند سيد احمد زمان شاهه لاڏاڻو ڪري ويو

مانجهند (مهراڻ عمراڻي) جديد قومپرست سياست جي باني سائين جي ايم سيد جو پوٽو سيد امير حيدرشاه جو فرزند سيد احمد زمان شاه ڪافي عرصو بيمار رهڻ کان پوءِ  ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ 56 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. مرحوم احمد زمان شاه  ايس يو پي سربراه سيد جلال محمود شاه، ڊاڪٽر ضياءَ شاه، سيد زين شاه جو سئوٽ بدرالزمان شاهه، اڳوڻي تعلقه ناظم مانجهند علي رضا حيدر شاهه، سيد ظفر حيدر شاه جو ڀاءَ ۽ سن ٽائون جي چيئرمين منير حيدر شاه جو چاچو ھو. مرحوم  وائلڊ لائيف کاتي  ڪراچي جو ڊپٽي ڪنزرويٽر ۽ زميندار پڻ ھو جنهن جي وفات جي اطلاع تي سوڳ ۾ سن شھر مڪمل بند ٿي ويو. سندس جنازي نماز ۽ تدفين اڄ شاه حيدر قبرستان سن ۾  جڏهن ته تڏو پڻ سن ۾ وڇايو ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو