امير بالاج قتل ڪيس، طيفي بٽ مبينا مقابلي ۾ مارجي ويو

امير بالاج قتل ڪيس، طيفي بٽ مبينا مقابلي ۾ مارجي ويو

رحيم يار خان (ويب ڊيسڪ)امير بالاج ٽيپو قتل ڪيس جو مکيه جوابدار خواجه طارق گلشن عرف ٽيفي بٽ هڪ مبينا مقابلي ۾ مارجي ويو، ذريعن موجب، مبينا مقابلو رحيم يار خان علائقي ۾ ٿيو، سي سي ڊي اهلڪار ملزم طيفي بٽ کي پڇا ڳاڇا لاءِ رحيم يار خان وٺي وڃي رهيا هئا، ذريعن جو چوڻ آهي ته ملزم طيفي بٽ کي دبئي کان لاهور آندو ويو هو ۽ ان تي قتل جا ڪيترائي الزام آهن، ذريعن موجب، ملزم خواجه طارق گلشن عرف ٽيفي بٽ کي دبئي جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو جتي عدالت طيفي بٽ کان پاڪستان وڃڻ بابت سوال ڪيو، جنهن تي ملزم پاڪستان وڃڻ ۽ ڪيسن کي منهن ڏيڻ لاءِ چيو، ذريعن جو چوڻ آهي ته ملزم جي رضامندي سان دبئي جي عدالت طيفي بٽ کي پنجاب پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو