امن امان جي صورتحال تي ڳڻتي،ڏوهن تي ڪنٽرول ڪرڻ جي هدايت

امن امان جي صورتحال تي ڳڻتي،ڏوهن تي ڪنٽرول ڪرڻ جي هدايت

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر صوبي ۾ امن امان جي بگڙيل صورتحال تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.جسٽس (ر) مقبول باقر امن امان جي خراب صورتحال بابت آءِ جي پوليس ۽ ڊي جي رينجرز کي خط لکي ڇڏيو.هن خط ۾ لکيو ته سنڌ جي وڏن شهرن سميت ٻهراڙين ۾ امن امان جي صورتحال خراب آهي، صوبي ۾ ڏوهن ۾ تازو اضافو انتهائي ڳڻتي جوڳو آهي.نگران وڏي وزير سنڌ کي هدايتون جاري ڪيون ته صوبي ۾ وڌندڙ ڏوهن کي روڪڻ لاءِ فوري قدم کنيا وڃن.هن لکيو ته ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم جهڙا واقعا ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن، اخبارون ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا مسلسل سمورن ڏوهن جي نشاندهي ڪري رهيا آهن.جسٽس (ر) مقبول باقر خط ۾ لکيو ته چونڊ اميدوارن تي حملن ۽ اغوا جون وارداتون به ڏينهن جي روشني ۾ ٿيون آهن.هن وڌيڪ لکيو ته سماج ۾ عورتون، ٻار ۽ بزرگ انهن ڏوهن ۾ تمام گهڻو متاثر ٿي رهيا آهن.نگران وڏي وزير سنڌ لکيو ته صحافين، وڪيلن، ڊاڪٽرن، واپارين ۽ ٻين پروفيشنل ماڻهن جي جان ۽ مال کي خطرو آهي.هن سوال ڪيو ته صورتحال خراب ٿيڻ باوجود قانون لاڳو ڪندڙ ادارا خاموش ڇو آهن؟، جسٽس (ر) مقبول باقر خط ۾ هدايت ڪئي آهي ته آئين ۾ درج شهرين جي بنيادي حقن جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو