اليڪشن ڪميشن کي گنڊاپور خلاف ڪارروائي نه ڪرڻ جو حڪم

اليڪشن ڪميشن کي گنڊاپور خلاف ڪارروائي نه ڪرڻ جو حڪم

پشاور (ويب ڊيسڪ)پشاور هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن طرفان خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور کي موڪليل 20 نومبر جو نوٽيس معطل ڪري ڇڏيو.پشاور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ايس ايم عتيق شاهه ۽ جسٽس فهيم ولي اليڪشن ڪميشن جي نوٽيس خلاف وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. درخواستگذار جي وڪيل چيو ته اليڪشن ڪميشن اثاثن بابت وڏي وزير علي امين گنڊاپور کي نوٽيس جاري ڪيو هو، ان کان اڳ به اليڪشن ڪميشن اهڙو ئي نوٽيس جاري ڪيو هو جنهن کي عدالت معطل ڪيو هو.جسٽس ايس ايم عتيق شاهه چيو ته هڪ ڀيرو عدالت نوٽيس معطل ڪري ڇڏيو ته پوءِ اليڪشن ڪميشن ٻيهر نوٽيس ڪيئن موڪلي سگهي ٿي؟ توهين عدالت جي درخواست داخل ڪرڻ گهرجي ها.درخواستگذار جي وڪيل چيو ته پراڻي نوٽيس ۽ موجوده نوٽيس ۾ فرق آهي.عدالت اليڪشن ڪميشن طرفان خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير کي 20 نومبر تي جاري ڪيل نوٽيس معطل ڪندي اليڪشن ڪميشن کي خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير خلاف ڪارروائي کان روڪي ڇڏيو ۽ ڪميشن کان جواب طلب ڪري ورتو.

پهنجو تبصرو موڪليو