اليڪشن ڪمشنر کي سفير بنائڻ جون خبرون بي بنياد آهن

اليڪشن ڪمشنر کي سفير بنائڻ جون خبرون بي بنياد آهن

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن جي ترجمان چيف اليڪشن ڪميشن کي سفير بنائڻ وارين خبرن کي بي بنياد قرار ڏيندي ترديد ڪري ڇڏي آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ اليڪشن ڪميشن جي ترجمان ٻڌايو ته چيف اليڪشن ڪمشنر کي سفير بنائڻ جون خبرون بي بنياد آهن. اليڪشن ڪميشن جي ترجمان چيو آهي ته حڪومت طرفان اهڙي ڪابه آڇ نه ڪئي وئي آهي نه ئي چيف اليڪشن ڪمشنر جو اهڙو ارادو آهي. چيف اليڪشن ڪمشنر پنهنجو مدو مڪمل ڪرڻ کان پوءِ ملڪ ۾ ئي رهندو. اليڪشن ڪميشن جي ترجمان وڌيڪ چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر ڪنهن به پرڏيهي ملڪ جي اسائمنٽ جو طلبگار نه آهي. اهڙيون افواهون پکيِڙيندڙ اهڙي عمل کان پاسو ڪن. چيف اليڪشن ڪمشنر اهڙن شرپسند عناصرن جو مقابلو ڪرڻ چڱي ريت ڄاڻي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو