اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اين اي 47 کانپوءِ اين اي 48 تي به اليڪشن ٽربيونل جي ڪارروائي روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق علي بخاري جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران علي بخاري ۽ ٻيا وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيا.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس پي ٽي آءِ اميدوار علي بخاري جي درخواست تي حڪم نامو جاري ڪندي اليڪشن ٽربيونل کي اين اي 48 تي چونڊ عذرداري تي ڪارروائي روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو، ايندڙ ٻڌڻي تي رجسٽرار آفيس طرفان ٻڌڻي ٿيندي.










