لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي ڪاؤنٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) القاعده جي اڳوڻي سربراهه اسامه بن لادن جي ويجهو ساٿي کي گرفتار ڪري ورتو آهي.سي ٽي ڊي ترجمان موجب انتهائي گهربل دهشتگرد کي ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي گرفتار ڪيو ويو.سي ٽي ڊي پنجاب جي ترجمان جو چوڻ آهي ته گرفتار دهشتگرد امين الحق القاعده جو اهم ويڙهاڪ آهي، دهشتگرد امين الحق جو نالو به گڏيل قومن جي عالمي دهشتگردن جي لسٽ ۾ شامل آهي.سي ٽي ڊي ترجمان جو چوڻ آهي ته امين الحق جي گرفتاري لاءِ ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.










