افغان جنگ جي خاتمي لاءِ پاڪستان جو ڪردار اهم آهي،جوبائيڊن

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪا جي صدر جوبائيڊن جو چوڻ آهي ته افغان جنگ جي خاتمي ۽ امن معاهدي لاءِ پاڪستان جو ڪردار اهم آهي.حڪومت جا 100 ڏينهن پورا ٿيڻ تي آمريڪي صدر جوبائيڊن ڊيموڪريٽڪ اڳواڻن سان ڳالهيون ڪيون.ان موقعي تي صدر جوبائيدن پاڪستاني آمريڪن طاهر جاويد سان خيالن جي ڏي وٺ ڪندي چيو  ته افغان جنگ جي خاتمي ۽ امن معاهدي لاءِ پاڪستان جو ڪردار اهم آهي. آمريڪي صدر جو وڌيڪ چوڻ هو ته افغانستان ۾ امن لاءِ مستقبل ۾ به پاڪستان جو اهم ڪردار آهي.ماحولياتي تبديلي جي حوالي سان ڳالهائيندي صدر جوبائيڊن جو چوڻ هو ته ماحولياتي تبديلي لاءِ سمورين قومن کي گڏ ڪرڻ جي اڳڀرائي ڪئي آهي،100 ڏينهن ۾ ڪيترائي واعده پورا ڪيا، آئنده به واعده پورا ڪندس.

پهنجو تبصرو موڪليو