ڪوئيٽا: (ويب ڊيسڪ)گذريل چار ڏينهن دوران سيڪورٽي فورسز افغانستان کان بلوچستان جي ضلعي زوب ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪندڙ 50 دهشتگرد ماري ڇڏيا آهن. انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) پاران اڱاري تي جاري ڪيل بيان موجب سيڪيورٽي فورسز گذريل چار ڏينهن ۾ 50 دهشتگردن کي ماريو، جڏهن ته افغانستان کان بلوچستان جي ژوب ضلعي ۾ داخل ٿيڻ جي هڪ ڪوشش کي ناڪام بڻايو ويو.آءِ ايس پي آر موجب، ضلعي ژوب جي علائقي سمبازا ۾ 7 آگسٽ کان 9 آگسٽ تائين “سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب ڪارروائين” دوران 47 دهشتگرد ماريا ويا. ساڳئي علائقي ۾، جيڪو پاڪ-افغان سرحد سان لڳل آهي، 10 ۽ 11 آگسٽ جي وچ واري رات “ڪلين اپ آپريشن” دوران 3 وڌيڪ “ڀارتي حمايت يافته” دهشتگرد ماريا ويا، ۽ انهن وٽان هٿيار ۽ گولا بارود هٿ آيو. بيان ۾ انهن دهشتگردن کي ’خارجي‘ سڏيو ويو، جيڪو لفظ عام طور تي ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) لاءِ استعمال ٿئي ٿو. آءِ ايس پي آر چيو ته چار ڏينهن جي آپريشن ۾ مارجي ويل ٽي ٽي پي دهشتگردن جو تعداد 50 تائين پهچي ويو آهي.
نو جوان سپاهين جي شهادت
ٻئي پاسي، سومر جي رات ضلعي واشڪ (جنهن جي سرحد ايران سان لڳي ٿي) ۾ سيڪيورٽي فورسز جي هڪ قافلي تي حملو ٿيو، جنهن ۾ هڪ آفيسر سميت نَوَ اهلڪار شهيد ٿي ويا. رپورٽ ڇپجڻ تائين آءِ ايس پي آر هن واقعي بابت ڪو بيان جاري نه ڪيو هو. واشڪ جي باسيما علائقي ۾ دهشتگردن ۽ سيڪيورٽي فورسز جي وچ ۾ ويڙهه دوران ڇهه اهلڪار زخمي ٿيا. ذريعن موجب دهشتگردن قافلي تي اوچتو حملو ڪيو ۽ ٽن گاڏين تي ڀاري فائرنگ ڪئي وئي۔ سيڪيورٽي اهلڪارن به جواب ۾ فائرنگ ڪئي ۽ ويڙهه لڳ ڀڳ هڪ ڪلاڪ جاري رهي. هڪ سينئر سيڪيورٽي آفيسر، نالي ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته “هڪ آفيسر ۽ اَٺَ ٻيا اهلڪار بهادري سان وڙهندي شهيد ٿيا ۽ ڇهه اهلڪار زخمي ٿيا،” زخمي اهلڪارن کي ويجهو اسپتال منتقل ڪيو ويو، ۽ دهشتگردن کي به جاني نقصان پهتو. دهشتگردن تازو پوليس حوالي ٿيل باسيما جي هڪ ٿاڻي تي حملي جي ڪوشش به ڪئي، پر پوليس اهلڪارن ڪاميابي سان ان کي روڪي ڇڏيو۔ ويڙهه اڌ ڪلاڪ جاري رهي، جنهن ۾ ٽن پوليس اهلڪارن کي زخم آيا. آفيسر موجب “ميدان ۾ رت جا نشان ۽ هڪ موٽرسائيڪل ان ڳالهه جي تصديق ڪن ٿا ته دهشتگردن کي به نقصان پهتو آهي۔”
صدر ۽ وزيراعظم جي واکاڻ
اي پي پي موجب، صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف اڱاري تي سمبازا علائقي ۾ پاڪستان-افغانستان سرحد ويجهو دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز جي واکاڻ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن پنهنجي پنهنجي بيان ۾ چيو ته “گذريل چار ڏينهن ۾ 50 ڀارتي سرپرستي وارن دهشتگردن جي هلاڪت فورسز جي پيشه ورانه صلاحيت، بهادري ۽ عزم جو ثبوت آهي۔”
بي ايل اي ۽ مجيد بريگيڊ بابت آمريڪي فيصلي تي ردعمل
ساڳئي وقت، پرڏيهي کاتي آمريڪا جي ان فيصلي جو ڀليڪار ڪيو، جنهن ۾ بلوچ لبريشن آرمي (بي ايل اي) ۽ مجيد بريگيڊ کي غيرملڪي دهشتگرد تنظيمون قرار ڏنو ويو. ترجمان ٻيهر چيو ته پاڪستان پنهنجي شهرين جي حفاظت ۽ هر قسم جي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي، ۽ عالمي برادري سان گڏجي هن عام چيلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، حيدرآباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي، آمريڪا پاران مجيد بريگيڊ ۽ بي ايل اي کي دهشتگرد تنظيمون قرار ڏيڻ کي ڪاميابي قرار ڏنو. هن چيو ته اهو پاڪستان جي موقف جي آمريڪي توثيق آهي. هن وڌيڪ چيو ته اهي علحدگي پسند تنظيمون مئي ۾ پاڪستان-ڀارت تڪرار دوران کلي عام ڀارت جي حمايت ڪري رهيون هيون، گڏيل قومن کي به اهڙو اعلان ڪرڻ گهرجي ته جيئن انهن کي ملندڙ عالمي فنڊنگ روڪي سگهجي.
ڪوئيٽا ۽ سبي ۾ حملا
ان کان سواءِ، سبي ۾ هڪ گرنيڊ حملي ۾ هڪ پوليس آفيسر زخمي ٿي پيو، جڏهن ته صوبي جي گادي واري هنڌ ڪوئيٽا ۾ گشت ڪندڙ پوليس گاڏي بم ڌماڪي کان بال بال بچي وئي. اختيارين موجب، هڪ اڻڄاتل موٽرسائيڪل سوار سومر جي رات گورنمينٽ گرلز ڪاليج ڀرسان سبي ۾ پوليس گاڏي تي گرينيڊ اڇلايو۔ ڌماڪي ۾ گاڏي کي نقصان نه رسيو، پر هڪ پوليس آفيسر زخمي ٿي پيو، جيڪو علائقي ۾ چيڪنگ جي ڊيوٽي تي هو۔.ڪوئيٽا ۾ لنڪ بديني روڊ تي ايسٽرن باءِ پاس ڀرسان هڪ روڊ ڪَناري بم جو ڌماڪو ٿيو، جنهن ۾ هڪ ڪار تباهه ٿي وئي، پر ڊرائيور محفوظ رهيو. هڪ سينئر پوليس آفيسر موجب “ٽارگيٽ پوليس گاڏي هئي، پر اها ڌماڪي کان هڪ منٽ اڳ ئي علائقي مان گذري وئي” ڪنهن به حملي جي ذميواري قبول نه ڪئي آهي.










