افغانستان ۾ 6.3 شدت جو زلزلو، فوتين جو انگ 20 ٿي ويو

افغانستان ۾ 6.3 شدت جو زلزلو، فوتين جو انگ 20 ٿي ويو

ڪابل (ويب ڊيسڪ)افغانستان جي هندوڪش جابلو سلسلي ۾ زلزلي جا سخت جهٽڪا محسوس ڪيا ويا، اي ايف پي موجب اتر افغانستان جا بلخ ۽ سمگن صوبا متاثر ٿيا آهن. مزار شريف ۾ شهري گهرن مان ورد ڪندي ٻاهر نڪري آيا. زلزلي جو مرڪز مزر شريف لڳ 28 ڪلوميٽر اونهائي ۾ هو. زلزلي سبب گهرن کي به سخت نقصان پهتو آهي, صحت کاتي جي ترجمان موجب، مختلف حادثن ۾ هاڻي تائين 20 ماڻهو مارجي ويا آهن ۽ 320 زخمي ٿيا آهن، جڏهن ته اختيارين خدشو ظاهر ڪيو آهي ته فوتين جو انگ وڌي ويندو، مزار شريف ۾ زلزلي جي وقت شهري خوف ۾ گهرن مان ٻاهر نڪري آيا. فرانسيسي نيوز ايجنسي اي ايف پي موجب ماڻهو رات جي وچ ۾ پنهنجن گهرن مان ٻاهر نڪري آيا ۽ کليل علائقن ڏانهن ڀڄڻ لڳا ڇاڪاڻ ته انهن کي ڊپ هو ته انهن جا گهر ٽٽي سگهن ٿا، آمريڪي جيولوجيڪل سروي موجب، زلزلي جي شدت 6.3 رڪارڊ ڪئي وئي ۽ ان جي کوٽائي 28 ڪلوميٽر هئي، جڏهن ته زلزلي جو مرڪز سمنگان صوبي جي خلم ضلعي کان 22 ڪلوميٽر ڏکڻ اولهه ۾ هو، رپورٽن موجب زلزلي جا جهٽڪا ترڪمانستان، تاجڪستان، ازبڪستان ۽ ايران ۾ به محسوس ڪيا ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو