ڪابل(ويب ڊيسڪ)افغان دارالحکومت ڪابل ۾ فائرنگ سپريم ڪورٽ جي ٻن جج عورتن کي هٿياربند فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو.افغان عملدارن حملي جي تصديق ڪري ڇڏي ، چيو ته هٿياربندن صبح جو ڪابل ۾ سپريم ڪورٽ جي جج عورتن تي حملو ڪيو ٻنهي کي قتل ڪري ڇڏيو.افغان پوليس اهلڪارن موجب ، حملي ۾ هڪ عورت پڻ زخمي ٿي هئي جنهن کي طبي علاج جي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جڏهن ته پوليس اختيارين ثبوت گڏ ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي










