ڪابل)ويب ڊيسڪ) اوڀر افغانستان ۾ زلزلي ۾ فوتين جو انگ 800 تائين پهچي ويو آهي.افغان حڪومت جي ترجمان موجب، افغانستان ۾ گذريل رات جي زلزلي ۾ فوتين جو انگ هاڻي 800 تائين پهچي ويو آهي، جڏهن ته 2,800 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا آهن.رپورٽ موجب، افغانستان ۾ گذريل رات مقامي وقت مطابق رات 11:47 تي 6.0 شدت جو زلزلو آيو، ۽ ان کان لڳ ڀڳ 20 منٽن بعد، ساڳئي صوبي ۾ 4.5 شدت جو ٻيو زلزلو محسوس ڪيو ويو، جنهن جي کوٽائي 10 ڪلوميٽر هئي.ان حوالي سان آمريڪي جيولوجيڪل سروي چيو ته گذريل رات افغانستان ۾ آيل زلزلي جي شدت 6 رڪارڊ ڪئي وئي. زلزلي جو مرڪز ننگرهار صوبي جي شهر جلال آباد کان 27 ڪلوميٽر اوڀر ۾ هو، جڏهن ته زلزلي جي کوٽائي 8 ڪلوميٽر هئي.افغان اختيارين جو چوڻ آهي ته زلزلي ۾ سڀ کان وڌيڪ نقصان ڪنڙ صوبي ۾ ٿيو، جتي سوين ماڻهو مارجي ويا آهن ۽ هزارين زخمي ٿيا آهن، جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو اڃا تائين ملبي هيٺان دٻيل آهن ۽ انهن کي ڪڍڻ جو عمل جاري آهي. ياد رهي ته گذريل رات پاڪستان جي مختلف شهرن ۾ به زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا، پر ڪو به جاني يا مالي نقصان نه ٿيو.زلزلي جي مرڪز موجب، 4.6 شدت جا آفٽر شاڪس هنگو، مالاڪنڊ، سوات، مانسهره، ايبٽ آباد، اسلام آباد، راولپنڊي، چترال ۽ پشاور ۾ 12:38 وڳي محسوس ڪيا ويا.زلزلي جي کوٽائي 15 ڪلوميٽر رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته زلزلي جو مرڪز ڏکڻ اوڀر افغانستان ۾ هو.
پاڪستان ۾ جھٽڪا
گذريل رات پاڪستان جي مختلف شهرن ــ لاهور، اسلام آباد، مري سميت ٻين علائقن ۾ به زلزلي جا جھٽڪا محسوس ڪيا ويا، پر ڪو جاني يا مالي نقصان نه ٿيو۔ زلزلو پيما مرڪز موجب، رات 12 وڳي 38 منٽن تي هنگو، مالاڪنڊ، سوات، مانسهره، ايبٽ آباد، اسلام آباد، راولپنڊي، چترال ۽ پشاور ۾ به 4.6 شدت جا آفٽر شاکس محسوس ڪيا ويا۔ زلزلي جي اونهائي 15 ڪلوميٽر رڪارڊ ڪئي ويئي، جڏهن ته مرڪز ڏکڻ اوڀر افغانستان ۾ هو۔










