ڪابل(ويب ڊيسڪ)افغانستان ۾ گهٽ ۾ گهٽ 20 هنڌن تي ٻوڏ جي خطري جي انتهائي سطح جو اعلان ڪيو ويو، گهٽ ۾ گهٽ 20 ماڻهو مارجي ويا ۽ 30 زخمي ٿيا. پرڏيهي خابرو اداري اي ايف پي موجب طوفاني برساتن ۾ هر سال سوين افغاني مري ويندا آهن. حادثا خاص ڪري غريب ۽ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ ٿين ٿا، جتي هميشه ناقص تعمير ٿيل گهر ڊهي پوڻ جو خطرو رهي ٿو. ريڊيو پاڪستان موجب ٻوڏ متاثر صوبن ۾ قنڌار، هلمند، هرات، بدخشان، تخار، پروان، قندوز، ميدان وردڪ، بغلان، فارياب ۽ جوزجان شامل آهن.










