اسلام آباد: (بيورو پورٽ) دفاع واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته افغانستان جي جنهن جڳهه تان اسان تي حملو ٿيندو اسان اتي ئي ڀرپور جواب ڏينداسين.اسلام آباد ۾ پارليامينٽ هائوس جي ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي خواجه آصف چيو ته افغانستان ڀارت جي هٿن ۾ کيڏي رهيو آهي، افغانستان کي هدايتون دهلي مان ملنديون آهن.هن چيو ته جيستائين هندستان ها نه ڪندو هي ڪنهن به جڳهه تي نه ايندا، افغانستان 3 ڀيرا منهنجي سامهون پنهنجي زمين استعمال نه ٿيڻ جي لکت ۾ يقين دهاني کان انڪار ڪيو.دفاع واري وزير چيو ته افغان اختيارين مون کي چيو ته زباني يقين دهاني ڪرايون ٿا، لکت ۾ يقين دهاني نٿا ڪرائي سگهون. هن واضح ڪيو ته افغانستان جي جنهن به جڳهه تان پاڪستان تي حملو ٿيو ته پوءِ اتان کان ئي ڀرپور جواب ڏنو ويندو. خواجه آصف چيو ته ووٽر جي عمر گهٽ ڪرڻ جي ڪنهن به تجويز بابت مون کي خبر نه آهي.










