افغانستان سان باقاعده جنگ جاري، ملڪ جنگي حالت ۾ آهي

افغانستان سان باقاعده جنگ جاري، ملڪ جنگي حالت ۾ آهي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي ته ملڪ جنگ جي حالت ۾ آهي، افغانستان سان باقاعده جنگ هلي رهي آهي.قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾، گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري، اسلام آباد ۾ قائم پوليس چوڪين بابت سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته ملڪ جي موجوده صورتحال سڀني جي سامهون آهي ۽ پاڪستان هن وقت جنگ جي حالت ۾ آهي.هن چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ باقاعده جنگ جي صورتحال آهي، افغانستان وٽ جديد جنگي جهاز يا بم نه آهن، تنهن هوندي به، نوجوان ڇوڪرن کي استعمال ڪندي خودڪش حملا ڪيا پيا وڃن.مملڪتي وزير جو چوڻ آهي ته اهڙي صورتحال ۾، سيڪيورٽي سببن لاءِ پوليس چوڪيون قائم ڪرڻ ضروري ٿي ويندو آهي ته جيئن شهرين جي جان ۽ مال کي يقيني بڻائي سگهجي.هن شهرين کي اپيل ڪئي ته اهي صورتحال کي نظر ۾ رکندي پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان مڪمل تعاون ڪن.

پهنجو تبصرو موڪليو