اظهر علي سان پهريون ڀيرو مداح جي حيثيت ۾ ملاقات ڪئي: نسيم شاهه

اظهر علي سان پهريون ڀيرو مداح جي حيثيت ۾ ملاقات ڪئي: نسيم شاهه

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي نوجوان فاسٽ بالر نسيم شاهه تازو ئي ٽيسٽ ڪرڪيٽ تان رٽائر ٿيندڙ اظهر علي سان پنهنجي پهرين ملاقات جون يادون شيئر ڪيون.نسيم شاهه سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي اظهر علي سان گڏ ڪيل ٻه تصويرون شيئر ڪيون آهن، هڪ تصوير ۾ هو اظهر علي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪري رهيو آهي جڏهن ته ٻي تصوير ۾ ٻنهي ڪرڪيٽرن جي پهرين ملاقات نظر اچي رهي آهي.فاسٽ بالر نسيم شاهه جو چوڻ آهي ته اجو ڀائي سان منهنجي پهرين ملاقات هڪ مداح جي حيثيت ۾ ٿي، مان خوش قسمت آهيان جو ساڻس گڏ 3 سال کيڏندو رهيس.هن چيو ته اظهر علي سان سٺو وقت گذريو آهي.نسيم شاهه اظهر علي کي شاندار ڪيريئر تي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته الله کيس هميشه خوش رکي.

پهنجو تبصرو موڪليو