اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) پاڪستان جي مختلف شهرن ۾ ڇنڇر تي به بجلي جي غير معمولي بلن ۽ اضافي ٽيڪسز خلاف احتجاج جاري آهي. عوام بل ساڙي رهيو آهي ۽ بلن جي ادائگي کان انڪار ڪري رهيو آهي. تاجر تنظيمن سميت عام شهري به ڪشمير کان ڪراچي تائين مختلف شهرن ۾ سراپا احتجاج آهن. مظاهرن ۾ شامل مانهو ۽ واپاري بل ادا نه ڪري سول نافرماني جي تحريڪ هلائڻ جو به چتاءُ ڏنو آهي. اهڙي صورتحال جو نوٽيس وٺندي نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ سڀاڻي (آچر) وزيراعظم هائوس ۾ هنگامي اجلاس طلب ڪري ورتو آهي. وزيراعظم اڄ ايڪس (اڳوڻي ٽوئيٽر) تي چيو ته اجلاس ۾ پاور ۽ ڊسٽري بيوشن ڪمپنين بابت وزارت کان بريفنگ ورتي ويندي ۽ بجلي جي بلن جي حوالي سان صارفين کي وڌ کان وڌ رليف ڏيڻ بابت صلاح مشورا ڪيا ويندا.
بجلی کے بھاری بِلوں کے معاملے پر میں نے کل وزیر اعظم ہاؤس میں ہنگامی اجلاس طلب کر لیا ہے۔ اجلاس میں وزارت بجلی اور تقسیم کار کمپنیوں سے بریفنگ لی جائے گی اور صارفین کو بجلی کے بِلوں کے حوالے سے زیادہ سے زیادہ ریلیف دینے کے حوالے سے مشاورت کی جائے گی۔
— Anwaar ul Haq Kakar (@anwaar_kakar) August 26, 2023
ياد رهي ته گذريل مهيني، پاور ريگيوليٽر نيشنل ايوريج ٽيرف ۾ اٽڪل 5 رپيا في يونٽ جو اضافو ڪيو، جنهن سان بنيادي يونٽ پاور ٽيرف 24.82 رپين مان وڌائي 29.78 رپيا ٿي ويو. حڪومت 22 آگسٽ تي هڪ ڀيرو ٻيهر بجلي جي اگهن ۾ 3 رپيا 55 پئسا في يونٽ واڌ ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو. جنهن بعد فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ به واڌ ڪئي وئي آهي ۽ مختلف قسمن جون ٽيڪسز لڳايون ويون آهن. حڪومت ڪمپنين جي ’اضافي گنجائش‘ جي مد ۾ 146 ارب روپيا صارفين کان وصول ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن ڪراچي ۾ تاجرن ڪي اليڪٽرڪ عملي کي مارڪٽ به ڪئي هئي.










