ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت سرڪاري ۽ سرڪاري سهڪار سان هلندڙ اسڪولن ۾ شاگردن جي داخلا جي نظام کي مڪمل طور ڊجيٽل بڻائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ان تحت هر شاگرد لاءِ بي فارم سان ڳنڍيل منفرد داخلا سڃاڻپ آئي ڊي ڏني ويندي، جڏهن ته نادرا جي سهڪار سان داخلائن، حاضري ۽ شاگردن جي رڪارڊ لاءِ هڪ مربوط ڊجيٽل نظام قائم ڪيو ويندو. سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت سرڪاري ۽ سرڪاري سهڪار سان هلندڙ اسڪولن ۾ شاگردن جي داخلا جي نظام کي مڪمل طور ڊجيٽل بڻائي رهي آهي، جيئن هر شاگرد جو صحيح، شفاف ۽ قابلِ اعتماد تعليمي رڪارڊ محفوظ بڻائي سگهجي. هن چيو ته هر شاگرد لاءِ بي فارم سان ڳنڍيل هڪ منفرد سڃاڻپ (ID) تيار ڪئي ويندي، جنهن ذريعي داخلا، حاضري، تعليمي ڪارڪردگي، اسڪول جي تبديلي ۽ امتحاني رڪارڊ کي هڪ ئي ڊجيٽل پروفائيل هيٺ محفوظ ۽ آساني سان دستياب بڻايو ويندو. هن اها ڳالهه ڪراچي ۾ نادرا جي عملدارن سان هڪ اهم اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. اجلاس ۾ نادرا جي ڊائريڪٽر جنرل عامر علي خان، ڊائريڪٽر ايڊمن ڪرنل راؤ رضوان، ڊائريڪٽر آپريشنز مقصود جهنڊاڻي ۽ اسڪول ايجوڪيشن کاتي جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۾ ڊجيٽل داخلا رجسٽريشن جي نظام، نادرا سان ڊيٽا انٽيگريشن، منفرد شاگرد سڃاڻپ واري نظام ۽ ايندڙ عملي طريقيڪار تي تفصيلي غور ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سنڌ ۾ SELECT منصوبي تحت 600 اسڪولن ۾ Student Attendance Monitoring and Redressal System (SAMRS) وسيلي ڊجيٽل داخلا رجسٽريشن جو عمل اڳ ئي جاري آهي، جنهن کي مرحليوار سڀني سرڪاري ۽ سرڪاري سهڪار سان هلندڙ اسڪولن تائين وڌايو ويندو. تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت اسڪولن ۾ ٽيڪنالاجي جي استعمال کي مسلسل هٿي ڏئي رهي آهي، جڏهن ته استادن ۽ شاگردن لاءِ ڊجيٽل حاضري وارو نظام به مڪمل ٿي چڪو آهي، جيڪو مختلف اسڪولن ۾ ڪاميابي سان لاڳو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته هر شاگرد جي داخلا کي نادرا جي تصديق ٿيل ب فارم نمبر سان ڊجيٽل طور محفوظ ڪيو ويندو، جنهن کي SAMRS سان پڻ ڳنڍيو ويندو. هن چيو ته نادرا جي تصديق سان ڳنڍيل ڊجيٽل داخلا نظام ذريعي جعلي ۽ ٻيڻين داخلائن جو مؤثر خاتمو ممڪن ٿيندو، جڏهن ته مسلسل غير حاضر رهندڙ يا امڪاني طور تعليم ڇڏڻ جي صورت ۾ ٻارن جي وقت تي سڃاڻپ پڻ ممڪن ٿي سگهندي. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ڪو شاگرد تعليم ڇڏي ڏئي يا ڪنهن ٻئي اسڪول ۾ منتقل ٿي وڃي ته سندس رڪارڊ آساني سان ٽريڪ ڪري سگهجي ٿو. هن جديد نظام ذريعي هر شاگرد جي داخلا، حاضري، تعليمي ڪارڪردگي، امتحاني رڪارڊ ۽ اسڪول جي تبديلي جو سمورو رڪارڊ هڪ ئي ڊجيٽل پروفائيل ۾ محفوظ رهندو، جنهن سان تعليمي انتظام، نگراني ۽ خدمتن جي فراهمي وڌيڪ مؤثر بڻبي. وزير تعليم چيو ته ٽيڪنالاجي جي استعمال سان انساني مداخلت ۾ گهٽتائي ايندي، داخلا ۽ حاضري جي نظام ۾ شفافيت وڌندي ۽ صحيح ڊيٽا جي بنياد تي تعليمي منصوبابندي، وسيلن جي منصفاڻي ورڇ ۽ سڌارن تي وڌيڪ اثرائتي نموني عملدرآمد ممڪن ٿيندو. هن چيو ته مستقبل ۾ شاگردن جي رڪارڊ جي تصديق، اسڪول جي تبديلي ۽ ٻين تعليمي خدمتن کي وڌيڪ تيز، آسان ۽ قابلِ اعتماد بڻايو ويندو. نادرا جي ڊائريڪٽر جنرل عامر علي خان چيو ته ڊجيٽل داخلا نظام ذريعي ٻارن بابت صحيح ۽ قابلِ اعتماد تعليمي انگ اکر تيار ڪرڻ ۾ وڏي مدد ملندي. هن ٻڌايو ته هر شاگرد کي سندس بي فارم سان ڳنڍيل هڪ منفرد تعليمي سڃاڻپ ڏني وڃي سگهي ٿي، جنهن ذريعي هو پنهنجي سڄي تعليمي سفر دوران هڪ ئي رڪارڊ تي موجود رهندو. هن چيو ته نادرا، سنڌ جي اسڪولن ۾ داخلا رجسٽريشن جي ڊيٽا تيار ڪرڻ لاءِ تعليمي اختيارين سان مڪمل سهڪار ۽ ضروري وسيلا فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهي. نادرا جي عملدارن سنڌ حڪومت کي هن منصوبي لاءِ هر ممڪن فني سهڪار جي خاطري ڪرائيندي ٻڌايو ته نادرا سنڌ ۾ پيدائش ۽ وفات جي رجسٽريشن واري نظام تي اڳ ئي ڪم ڪري رهيو آهي، جنهن سان مستقبل ۾ مختلف سرڪاري ڊجيٽل خدمتن جي وچ ۾ مؤثر رابطن جي قيام ۾ آساني ٿيندي. اجلاس جي پڄاڻي تي تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه اسڪول ايجوڪيشن کاتي ۽ نادرا کي هدايت ڪئي ته ڊجيٽل داخلا نظام جي عملي طريقيڪار کي جلد کان جلد حتمي شڪل ڏني وڃي، جيئن صوبي جي سمورن سرڪاري ۽ سرڪاري سهڪار سان هلندڙ اسڪولن ۾ هن جديد نظام تي مرحليوار عملدرآمد شروع ڪري سگهجي.










