ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)تعليم واري وزير سردار شاهه چيو آهي ته اسڪولن مان غير حاضر رهندڙ 7 هزار استاد ٻارن جا قاتل آهن، غير حاضر رهندڙ استادن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي تعليم واري وزير سردار شاهه سنڌ ۾ نئين تعليمي سال جي شروعات تي شروع ڪيل داخلا مهم دوران غير حاضر استاخن خلاف ڪارروائي تيز ڪرڻ جو اعلان ڪيو تعليم واري وزير ملير کان سرڪاري اسڪولن ۾ داخلا مهم جو افتتاح ڪري ڇڏيو، گورنمينٽ پرائمري اسڪول رزاق آباد مان سردار شاهه جي اڳواڻيءَ ۾ جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي ريلي ۾ چونڊيل نمائندن، ڊپٽي ميئر سلمان مراد، شاگردن ۽ شهرين جي شرڪت ڪئي سردار شاهه چيو ته گذريل سال 52 لک ٻار اسڪولن ۾ داخل ٿيا هئا، هيل اهو انگ 60 لک تي پهچي ويندو، 2 هزار 7 سئو بند پيل اسڪول کولي استاد مقرر ڪيا ويا آهن هن چيو ته غير حاضر 7 هزار استادن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، استادن کي لائسنس ڏيڻ، 300 ماڊل اسڪول ٺاهڻ ۽ اسڪولن ۾ سولر سسٽم جي تنصيب تي به ڪم هلي رهيو آهي










