اسپتالن ۾ هوميو پيٿڪ ڊاڪٽر ڀرتي ڪرڻ جي اجازت

اسپتالن ۾ هوميو پيٿڪ ڊاڪٽر ڀرتي ڪرڻ جي اجازت

لاهور (ويب ڊيسڪ)پنجاب جي گورنر محمد بليغ الرحمان سرڪاري اسپتالن ۾ هوميو پيٿڪ ڊاڪٽر ڀرتي ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.ان حوالي سان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته هوميو پيٿڪ ڊاڪٽرن کي ضابطن ۽ پاليسي موجب خالي سيٽن تي ڀرتي ڪيو وڃي.نيشنل ڪائونسل فار هوميوپيٿي جي وفد گورنر پنجاب محمد بليغ الرحمان سان ملاقات ڪئي.ملاقات دوران وفد گورنر پنجاب جو ڌيان سرڪاري اسپتالن ۾ هوميو پيٿڪ ڊاڪٽرن جي خالي سيٽن ڏانهن ڏياريو.وفد جو چوڻ هو ته ضلعي، تعلقي ۽ ٽيچنگ اسپتالن، رورل هيلٿ يونٽن ۽ پرائمري هيلٿ سينٽرن ۾ هوميو پيٿڪ ڊاڪٽرن جون سيٽون خالي پيل آهن.نيشنل ڪائونسل فار هوميوپيٿي جي وفد جو چوڻ آهي ته آبادي متبادل علاج جي طريقن کان محروم آهي.وفد اهو به چيو ته پنجاب جا اڪثر ماڻهو هوميوپيٿڪ علاج تي ڀاڙين ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو