اسٽيٽ بئنڪ پاران وياج جي شرح ۾ هڪ سيڪڙو گهٽتائي

اسٽيٽ بئنڪ پاران وياج جي شرح ۾ هڪ سيڪڙو گهٽتائي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)اسٽيٽ بئنڪ وياج جي شرح ۾ 100 بيسز پوائنٽس يا هڪ سيڪڙو گهٽتائي جو اعلان ڪيو آهي، جنهن کان پوءِ وياج جي شرح 12 سيڪڙو مان گهٽجي 11 سيڪڙو تي اچي وئي آهي. 11 مهينن دوران مجموعي طور تي وياج جص شرح ۾ 11 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي وئي آهي. اسٽيٽ بئنڪ پاران جراي ڪيل بيان موجب گهٽايل شرح 6 مئي کان لاڳو ٿيندي. ياد رهي ته گذريل مهيني اسٽيٽ بئنڪ وياج جي شرح 12 سيڪڙو تي برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو هو. ان کان اڳ، 27 جنوري 2025 تي اسٽيٽ بئنڪ ايندڙ ٻه مهينن لاءِ وياج جي شرح ۾ هڪ سيڪڙو گهٽتائي جو اعلان ڪيو هو، جنهن کان پوءِ اها 12 سيڪڙو تي اچي وئي هئي ان کان اڳ به، 16 ڊسمبر 2024 تي اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان هڪ اهم قدم کڻي شرح سود ۾ 200 بيسز پوائنٽس جي گهٽتائي ڪندي ان کي 13 سيڪڙو ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو. ياد رهي ته جون 2024 کان ڊسمبر 2024 تائين لڳاتار 6 ڀيرا وياج جي شرح ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو