ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان وياج جي شرح ۾ 2 سيڪڙو گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. اسٽيٽ بئنڪ جي بيان موجب پاليسي ريٽ 19.5 مان گهٽ ڪري 17.5 سيڪڙو ڪري ڇڏيو آهي، هن فيصلو 13 سيپٽمبر کان لاڳو ٿيندو. ٽن مهينن ۾ هي ٽيون ڀيرو وياج جي شرح گهٽ ڪئي وئي آهي. اسٽيٽ بئنڪ موجب 2 مهينن دوران مهانگائي جي شرح ۾ تيزي سان گهٽتائي آئي آهي، جنهن ڪري هي فيصلو ڪيو ويو آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته عالمي سطح تي تيل ۽ اناج جي قيمتن ۾ گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي. اسٽيٽ بئنڪ موجب ڪاروباري اعتماد ۾ بهتري آئي آهي، جڏهن ته پرڏيهي مٽا سٽا جا ذخيرا 9.5 بلين ڊالرن جي سطح تي رهيا، سرڪاري پرڏيهي مٽاسٽا جي آمد ۽ قرضن جي ادائيگين ۾ گهٽتائي ٿي آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته هن فيصلي سان ڪاروباري سرگرمين ۾ واڌ جو امڪان آهي.










