ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ٽريڊنگ جي شروعات مثبت زون مان ٿي.ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن ڪاروبار جي شروعات ۾ اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي ڏسڻ ۾ آئي، جنهن ڪري هندريد (100) انڊيڪس 1 هزار 223 پوائنٽس وڌي 1 لک 80 هزار 5 سئو پوائنٽس جي نفسياني سطح تي پهچي ويو آهي. ياد رهي ته گذريل هفتي هندريد انڊيڪس 2 هزار 475 پوائنٽس ڪِري 1 لک 78 هزار 922 پوائنٽس جي نفسياتي حد تي بند ٿيو هو، جڏهن ته انڊيڪس جي روزاني جي بلند ترين سطح 1 لک 82 هزار 185 ۽ روزاني جي گھٽ ۾ گھٽ سطح 1 لک 77 هزار 836 رهي هئي.










