اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ گڏيل  رجحان

اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ گڏيل رجحان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان اسٽاڪ ايمڪسچينج ۾ ڪاروباري هفتي جي ٽئين ڏينهن گڏيل رجحان ڏٺو پيو وڃي.بازارِ حصص (شئير بازار) ۾ ڪاروبار دوران 100 انڊيڪس ۾ 166 پوائنٽن جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ انڊيڪس 1 لک 80 هزار 559 پوائنٽن تي پهچي ويو. اڄ هيل تائين جي ڪاروبار دوران 100 انڊيڪس 1 لک 79 هزار 962 پوائنٽن جي هيٺين سطح تائين ڪِريو، جڏهن ته 1 لک 81 هزار 357 جي مٿين سطح تائين پڻ ويو. واضح رهي ته گذريل ڏينهن ڪاروبار جي پڄاڻي تي 100 انڊيڪس 1 لک 80 هزار 392 پوائنٽن تي بند ٿيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو