ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج (پي ايس ايڪس) ۾ واپاري هفتي جي پهرين ڏينهن تي تيز گهٽتائي ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي، جنهن سان انڊيڪس 3 نفسياتي حدون وڃائي چڪو آهي.ايران تي آمريڪي حملي کان پوءِ خطي ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي، جنهن جو اسٽاڪ مارڪيٽ تي خاص اثر پئجي رهيو آهي.اسٽاڪ مارڪيٽ جو 100 انڊيڪس 1,894 پوائنٽس گهٽجي ويو.جنهن کان پوءِ 100 انڊيڪس 118,128 پوائنٽس تي اچي ويو.اڄ واپار جي شروعات تي، 100 انڊيڪس ۾ 2,045 پوائنٽس جي گهٽتائي ڏٺي وئي، جنهن کان پوءِ انڊيڪس 117,977 پوائنٽس تي اچي ويو.گذريل ڪاروباري هفتي جي آخري ڏينهن تي واپار جي آخر ۾، 100 انڊيڪس 120,023 پوائنٽس تي بند ٿيو.










