اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وفاقي وزير داخلا محسن نقوي چيو آهي ته اسلام آباد کي ان جي اصل حالت ۾ بحال ڪرڻ ۽ تجاوزات کي مڪمل طور تي ختم ڪرڻ ترجيح آهي.وفاقي راڄڌاني ۾ تجاوزات خلاف هڪ بي مثال آپريشن جاري آهي. ميريٽ ۽ ايوب چوڪ جي ويجهو گرين بيلٽ تي قائم ايف سي ڪئمپ آفيس کي به ڊاهيو ويو. آپريشن وفاقي وزير داخلا محسن نقوي جي نگراني ۾ ڪيو ويو.ان موقعي تي وفاقي وزير داخلا محسن نقوي چيو ته اسلام آباد ۾ تجاوزات خلاف آپريشن بنا ڪنهن فرق جي جاري رهندو. غير قانوني تعميرات ۽ تجاوزات کي بغير ڪنهن دٻاءُ جي ڊاهيو پيو وڃي. ايف سي ڪئمپ آفيس لاءِ متبادل قانوني جڳهه فراهم ڪئي ويندي.هن چيو ته تجاوزات ۽ قبضا مافيا خلاف زيرو ٽالرنس پاليسي آهي. ڪنهن به سرڪاري يا خانگي اداري کي سرڪاري زمين تي تعمير يا قبضو ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.










