اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ڀرپاسي وقفي وقفي سان فائرنگ جو سلسلو جاري آهي، جنهن کانپوءِ سيڪيورٽي الرٽ ڪئي وئي آهي. پوليس ذريعن موجب ايس ايم جي ۽ پسٽل جي فائرنگ ٿي آهي، فائرنگ جاري آهي، عمران خان کي ان صورتحال ۾ ٻاهر نٿو ڪڍي سگهجي. وڪيل سلمان صفدر چيو ته عمران خان فائرنگ تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو آهي، جڏهن عمران خان کي رليف ملي ويو ته فائرنگ ڪير ڪري رهيو آهي؟ ڳڻتيءَ جي ڳالهه آهي ته احتجاج ڪندڙ فائرنگ ڪيئن ٿا ڪري سگهن؟هن چيو ته عمران خان وڃڻ لاءِ تيار آهي، هو وڊيو بيان رڪارڊ ڪرائڻ چاهي ٿو پر انٽرنيٽ سبب عمران خان جو بيان جاري ڪرڻ ۾ مسئلو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ڀرپاسي پوليس ۽ رينجرز کي الرٽ ڪيو ويو آهي. پوليس ترجمان موجب فائرنگ سان جاني نقصان ناهي ٿيو، سمورا پوليس اهلڪار محفوظ آهن، سرچ ٽيمون جائزو وٺي رهيون آهن.










