اسلام آباد سميت ڀرپاسي جي علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا، شدت 5.8 رڪارڊ

اسلام آباد سميت ڀرپاسي جي علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا، شدت 5.8 رڪارڊ

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اسلام آباد ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا. زلزلو ماپ ڪندڙ مرڪز موجب اسلام آباد ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ سومر جي ٻنپهرن جو زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا جنهن سبب شهرين ۾ خوف حراس پکڙجي ويو ۽ هو گهرن ۽ آفيسن کان ٻاهر نڪري آيا.زلزلو ماپ ڪندڙ مرڪز جو چوڻ آهي ته ريڪٽر اسڪيل تي زلزلي جي شدت 5.8 رڪارڊ ڪيو ويو، انهي جو مرڪز ڪشمير جو اتر اوڀر وارو علائقو هو جڏهن ته انهي جي گهرائي 10 ڪلو ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي.انهي کان علاوه هنزه ۾ به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن. شروعاتي ڄاڻ موجب زلزلي جي نتيجي ۾ فوري طور تي ڪنهن به جاني، مالي نقصان جي اطلاع نه ملي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو