اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد ۾ سيڪيورٽي صورتحال کي نظر ۾ رکندي، ريڊ زون ڏانهن ويندڙ رستا، جن ۾ ڊي چوڪ به شامل آهي، ڪنٽينر لڳائي بند ڪيا ويا آهن.ٽريفڪ ايڊوائزري موجب، مارگلا روڊ ۽ ميريٽ هوٽل ڏانهن ويندڙ رستا ريڊ زون ۾ داخلا لاءِ کليل رهندا، شهري متبادل طور تي جناح ايونيو استعمال ڪن.ٽريفڪ ايڊوائزري ۾ چيو ويو آهي ته لال ڪوارٽر چوڪ جي ويجهو پولي ڪلينڪ کان لقمان حڪيم روڊ تائين ٽريفڪ لاءِ ڊائيورشن هوندو، شهري متبادل طور تي صدر روڊ استعمال ڪن. آبپارا چوڪ کان سهروردي تائين سيرينا هوٽل جي ويجهو اچڻ ۽ وڃڻ واري ٽريفڪ لاءِ ڊائيورشن هوندو، بهارا ڪهو کان ايندڙ ڪشمير چوڪ کان سرينگر هاءِ وي استعمال ڪن.










