اسلام آباد ايڇ آءِ وي جي پکيڙ تيزي سان جاري، 618 نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد ايڇ آءِ وي جي پکيڙ تيزي سان جاري، 618 نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ ايڇ آءِ وي جي پکيڙ تيزي سان جاري آهي. سرڪاري رپورٽ موجب اسلام آباد ۾ ايڇ آءِ وي جا 2025 ۾ 498 ڪيس رپورٽ ٿيا، شهر ۾ جنوري 2025 کان مارچ 2026 تائين 618 نوان ايڇ آءِ وي ڪيسز رپورٽ ٿيا.
سرڪاري انگن اکرن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اسلام آباد ۾ هر مهيني 41 کان وڌيڪ ماڻڻهو ايڇ آءِ وي جو شڪار ٿيا، ايڇ آءِ وي متاثرين ۾ نوجوان مردن جي واضح اڪثريت آهي جن ۾ 64 سيڪڙو ڪيس بالغ مردن جا آهن.
اختيارين موجب ايڇ آءِ وي جي 618 ڪيسز ۾ 397 مرد، 106 عورتون، 93 کدڙا فقير ۽ 22 ٻار شامل آهن. سرڪاري رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اسلام آباد ۾ 2026 جي پهرين ٽن مهينن ۾ 120 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا. جولاءِ 2025 ۾ سڀني کان وڌيڪ 63 ڪيسز، جون ۽ ڊسمبر ۾ گهٽ ترين 31-31 ڪيسز سامهون آيا.
ماهرن موجب نوجوان مردن ۾ منشيات جي اثر هيٺ غير محفوظ جنسي رويي، ايڇ آءِ وي پکيڙ جو وڏو سبب بڻيل آهن. آئس جي اثر هيٺ غير محفوظ لاڳاپا، ايڇ آءِ وي جي پکيڙ جو وڏو سبب بڻجي ويا آهن. پاڪستان ۾ ايڇ آءِ وي جي مريضن جو اندازن تعداد ساڍا 3 لک آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو