اسلام آباد، پنڊي ۽ پشاور سميت ٻين شهرن ۾ زلزلو

اسلام آباد، پنڊي ۽ پشاور سميت ٻين شهرن ۾ زلزلو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد، راولپنڊي ۽ پشاور سميت ٻين شهرن ۾ زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا.زلزلي جي مرڪز موجب، سوات، هنگو، اتر وزيرستان ۽ چترال ۾ به زلزلي جا جهٽڪا رڪارڊ ڪيا ويا.ان کان علاوه، اسلام آباد، راولپنڊي ۽ پشاور ۾ به زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا.زلزلي جي مرڪز وڌيڪ چيو ته زلزلي جي شدت 5.5 رڪارڊ ڪئي وئي ۽ ان جي کوٽائي 199 ڪلوميٽر زمين هيٺ هئي، جڏهن ته زلزلي جو مرڪز هندوڪش علائقي ۾ هو.زلزلي سبب ڪنهن به جاني يا مالي نقصان جي ڪا به رپورٽ ناهي ملي.

پهنجو تبصرو موڪليو