اسلام آباد(بيورو) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته اسلامي ٽچ ڏيندڙ فنڪارن کي هاڻي قانوني ٽچ جي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته پرڏيهي فنڊنگ ۾ ملوث جوابدار 8 سالن کان ڀڄي رهيا آهن. شيخ رشيد جي رد عمل ۾ بيان ڏيندي وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو ته عالمي بنارسي ٺڳ غير ملڪين کان غيرقانوني طور ڊالر وٺندي پڪڙجي پيا آهن.هن چيو ته پرڏيهي فنڊن ڪيس ۾ خبر پئي آهي ته عمران نيازي جو ڪيترو گندو آهي، شهيدن خلاف مهم هلائيندڙ گندا ۽ گهٽيا ڪردار آهن.وفاقي گهرو وزير وڌيڪ چيو ته عمران نيازي 8 پوري ڪوشش ڪئي ته پرڏيهي فنڊنگ ڪيس جو فيصلو نه اچي، پر الله تعاليٰ سچ ظاهر ڪري ڇڏيو، الله سائين جو ڪرم ٿيو جو جعلي صادق ۽ امين جي اصيلت قوم جي سامهون اچي وئي.










