ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ، ماس ٽرانزٽ، ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ڪراچي جي شهرين لاءِ هڪ اهم منصوبو ييلو لائين بي آر ٽي شروع ڪيو ويو آهي ۽ ورلڊ بينڪ جي سهڪار سان 100 ارب روپين جي لاڳت سان ھي منصوبو شروع ڪيو ويو آهي، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت بسون هلايون وينديون.اهڙن خيالن جو اظهار هن ييلو لائين بي آر ٽي جي ترقياتي ڪم جو جائزو وٺڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. ھن چيو ته ڪوشش ڪندا سين ته ۽ ورلڊ بينڪ سان ڳالهائيندا سين ته ھن روٽ تي اي وي بسون هلايون وڃن، ڪانٽريڪٽر بڌايو آهي ته ھي منصوبو 18 مھينن مڪمل ٿيندو. شرجيل انعام ميمڻ ٻڌايو ته يلو لائين جو ٽريڪ 21 ڪلوميٽر ٿيندو، ڄام صادق پل سان گڏ نئين پل ٺاهي پئي وڃي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڊبل ڊيڪر بسون سنڌ حڪومت هلائيندي، پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت ماحول دوست بسون به شروع ڪري رهي آهي. ھڪ سوال جي جواب ۾ ھن چيو ته عمران خان جي حمايت ۾ اسرائيلي لابي پوري دنيا ۾ سرگرم آھي، پوري دنيا ۾ گولڊ سمٿ گروپ سرگرم آهي، اسان ان شيءِ جي خلاف آهيون ته ڪنهن جي ماءُ، ڀيڻ، ڌيءُ ۽ ننھن کي گرفتار ڪيو وڃي. موجوده حالتن مان لڳي ٿو ته عمران خان کي رليف ملي رهيو آهي.شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ان سڀني جي پٺيان عمران خان جي اڳوڻي زال ۽ ان جو سالو گولڊ سمٿ جو هٿ آهي. ھن چيو ته ڊاڪٽر اسرار خان جون چيل ڳالهيون درست ثابت ٿي رهيون آهن ته عمران خان کي اسرائيل اسان تي مسلط ڪيو، هڪ ٻئي سوال تي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته مولانا فضل الرحمان جي اها خوبي آهي ته هو ڪڏهن به ڊائلاگ جو دروازو بند نه ڪندو آهي، ڊاڪٽر اسرار، مرحوم حڪيم سعيد اڄ کان گھڻا سال اڳ ۾ چيو هو ته عمران خان يهودين جو ايجنٽ آهي، ھن وڌيڪ چيو ته هو اليڪشن ڪميشن جي فيصلي ۾ چيو ويو ھو ته عمران خان کي ڀارت ۽ اسرائيل پاران فنڊنگ ڪئي وئي، شهيد ارشد شريف ٽي وي تي چيو ھو ته پي ٽي آءِ جي اڪائونٽس ۾ پيسا ڀارت ۽ اسرائيل طرفان جمع ڪرايا ويا، جيڪڏهن عمران خان جي ڏک سبب اسرائيل جو رڙيون نڪرن ٿيون ته اها ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته ھي انھن جو ھي فتنو آھي. ھن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ جا ڪارڪن معصوم آهن، اھا ملي ڀڳت عمران خان ۽ اسرائيل جي آھي. اسرائيلي اخبارن ۾ عمران خان جي حق ۾ آرٽيڪل لکيا ويا، بئريسٽر گوهر ۽ اسد قيصر ان ڳالهه کان بي خبر ھوندا ، مان سڄي پي ٽي آءِ کي غلط نه چوندس، عمران خان اسرائيلي ايجنٽ آھي، اسرائيل انسانن جي وجود کي ختم ڪري رھيو آھي، اسرائيل کي ظلم و جبر نظر نه ٿو اچي.هن چيو ته عمران خان جي گرفتاري تي اسرائيل شور مچائي رهيو آهي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان کي ايٽمي طاقت بڻايو.عمران خان نيازي پاڪستان خلاف اسرائيل جو ايٽمي هٿيار آهي، ان کان اڳ صوبائي وزير ميڊيا جي دوستن جا به ٿورا مڃيا.










