اسرائيل سان معاهدا ڪندڙ جهازن کي نشانو بڻائينداسين، حوثي باغي

اسرائيل سان معاهدا ڪندڙ جهازن کي نشانو بڻائينداسين، حوثي باغي

صنعا(ويب ڊيسڪ) يمن جي حوثين اعلان ڪيو آهي ته اهي اسرائيل سان ڪاروبار ڪندڙ جهازن کي نشانو بڻائيندا.يمني حوثين جي غلبي واري انصار الله پارٽي چيو آهي ته اسرائيلي بندرگاهن سان ڪاروبار ڪندڙ ڪنهن به ڪمپني جي جهازن کي نشانو بڻايو ويندو.پرڏيهي ميڊيا موجب، يمن جي حوثي باغين اعلان ڪيو آهي ته اهي اسرائيلي بندرگاهن سان ڪاروبار ڪندڙ ڪمپنين جي ملڪيت وارن سڀني جهازن کي نشانو بڻائيندا، قطع نظر ان جي ته اهي ڪنهن به ملڪ سان تعلق رکن ٿا. حوثي فوج جي ترجمان هڪ ٽي وي بيان ۾ خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن ڪمپنيون انهن جي خبرداري کي نظرانداز ڪن ٿيون ته انهن جي جهازن کي نشانو بڻايو ويندو، قطع نظر انهن جي منزل جي، هن وڌيڪ چيو ته يمني هٿياربند فوج سڀني ملڪن کي اپيل ڪري ٿي ته جيڪڏهن اهي هن ڇڪتاڻ کان بچڻ چاهين ٿا ته اسرائيل تي دٻاءُ وجهي ته هو غزه تي جارحيت کي روڪي ۽ محاصرو ختم ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو