تل ايب(ويب ڊيسڪ)اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو غزه ۾ جنگ بندي جي امڪان کي رد ڪري ڇڏيوآهي. اسرائيلي فورسز اسپتالن جي آس پاس آبادين تي بمباري جاري آهي. گڏيل قومن عجي ٻارن واري اداري يونيسيف جو چوڻ آهي ته عذا م هر 10 منٽن ۾ هڪ ٻار قتل ٿئي ٿو. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب اسرائيلي وزيراعظم هڪ بيان ۾ چيو ته اسرائيل 7 آڪٽوبر جي حملن کانپوءِ حماس سان دشمني ختم ڪرڻ تي راضي نه ٿيندو، اهو وقت آهي، اها جنگ اسان جي گڏيل مستقبل لاءِ آهي. اسرائيلي وزيراعظم چيو ته اڄ اسان کي تهذيب ۽ بربريت جي قوتن جي وچ ۾ هڪ لڪير ڪڍڻي آهي، اسرائيل اها جنگ شروع ناهي ڪئي، حماس ان برائي گروپ جو حصو آهي جنهن کي ايران پيدا ڪري رهيو آهي.شهيد فلسطينين جو انگ 8 هزار 400 تائين پهچي ويو جڏهن ته 23 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿيا، شهيدن ۾ 73 سيڪڙو ٻار، عورتون ۽ بزرگ شامل آهن.










