اسرائيلي فوج جي حملن جو سلسلو جاري، 64 فلسطيني شهيد

اسرائيلي فوج جي حملن جو سلسلو جاري، 64 فلسطيني شهيد

غزهه (ويب ڊيسڪ)اسرائيلي فورسز مرڪزي غزه تي وحشي حملا تيز ڪري ڇڏيا، هڪ ئي ڏينهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 64 وڌيڪ فلسطيني شهيد ۽ 100 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. پرڏيهي خبرن جي ايجنسين جي هڪ رپورٽ ۾ غزه ۾ صحت واري وزارت چيو آهي ته ڪيترائي متاثرين اڃا تائين ملبي هيٺ دفن آهن، سول ڊفينس جا اهلڪار انهن تائين پهچي نه سگهيا آهن، هن وڌيڪ چيو ته 7 آڪٽوبر 2023 کان گهٽ ۾ گهٽ 38 هزار. 983 فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن جن ۾ اڪثريت عورتون ۽ ٻار به شامل آهن جڏهن ته زخمين جو انگ 89 هزار 727 کان وڌي ويو آهي.تازن ڏينهن ۾ اسرائيلي فوج نصرت پناهگيرن جي ڪئمپن کي نشانو بڻايو آهي.غزه جي بي گهر رهواسي تيمور ابرڪان، جيڪو ديرالبلاح ۾ آهي، چيو ته ”اسان نصيرات ڪيمپ ۾ ڌماڪن جا آواز ٻڌا ۽ ديرالبلاح ۾ هتان کان دونھون ايندي ڏٺو، جنهن کي توهان آخري پناهه چئي سگهون ٿا، اسان کي خوفزده ڪيو پيو وڃي هتي به اچي سگهي ٿو ۽ تباهه ڪري سگهي ٿو.هن چيٽ ايپ ذريعي سوال اٿاريو ته اڳتي اسان کي ڪٿي وڃڻ گهرجي؟ سڄي غزه کي باهه لڳي رهي آهي ۽ اسان کي هرڻ وانگر جهنگ ۾ ماريو پيو وڃي، جنگ ڪڏهن ختم ٿيندي؟

پهنجو تبصرو موڪليو