لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت اڳوڻي وفاقي وزير اسد عمر جي عبوري ضمانت ۾ 19 سيپٽمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي.عدالت جي جج منظر علي گل 9 مئي تي جناح هائوس، عسکري ٽاور حملي ۽ شادمان پوليس اسٽيشن کي ساڙڻ جي ڪيسن ۾ اسد عمر جي ضمانت جي درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي، جڏهن ته اعظم خان سواتي جي ضمانت جي درخواستن جي پنجن ڪيسن ۾ ٻڌڻي ڪئي.عبوري ضمانت ختم ٿيڻ کان پوءِ اسد عمر ۽ اعظم خان سواتي عدالت ۾ پيش ٿيا.عدالت جوابدارن جي عبوري ضمانت ۾ 19 سيپٽمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي ۽ ايندڙ ٻڌڻي تي ضمانت جي درخواستن تي دليل طلب ڪيا.لاهور ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي اسد عمر چيو ته سياسي پارٽين کي گڏجي ويهڻ گهرجي ۽ ڳالهيون ڪرڻ گهرجن.هن چيو ته جيڪڏهن ڪو به پي ٽي آءِ سان ڳالهائي نه رهيو آهي ته احتجاج نه ڪرڻ تي ٻيو ڇا ڪندا؟ پي ٽي آءِ وٽ احتجاج ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو به آپشن ناهي بچيو.










