استاد هٽلر نه بڻجن استاد بڻجن، صوبائي تعليم واري وزير جو مشورو

استاد هٽلر نه بڻجن استاد بڻجن، صوبائي تعليم واري وزير جو مشورو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي تعليم واري صوبائي وزير سردار علي شاهه چيو آهي ته اسان سموري ذميواري ٻارڙن تي وجهي ڇڏيون ٿا ته سرڪاري اسڪولن ۾ ٻار نٿا پڙهن استاد هٽلر نه بڻجڻ ٽيچر بڻجن تفصيل مطابق ڪراچي ۾ مقامي هوٽل ۾ سنڌ حڪومت پاران تعليم بابت تقريب جو اهتمام ڪيو ويو صوبائي وزير سردار علي شاهه تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اسان انگريزي زبان کي ڇو اهميت ڏيون ٿا پنهنجي زبان ڳالهائڻ بدران انگريزي زبان ڳالهائڻ تي فخر محسوس ڪيون ٿا سردار علي شاهه چيو ته هن پروگرام ۾ ڪوئي انگريز ناهي ويٺو سب اردو ٻولي سمجهڻ وارا آهن اسان ٻار کي اهو سيکاريون ٿا ته وڏو انسان اهو آهي جيڪو پئسا ڪمائي، ڪنهن اسڪولن کي اون ناهي ڪيو اسڪولن کي اوطاق بڻايو وڃي ٿو اسان سموري ذميواري ٻارڙن تي وجهي ڇڏيون ٿا ته سرڪاري اسڪولن ۾ ٻار نٿا پڙهن استادن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو استاد هٽلر نه بڻجڻ اهي ٽيچر بڻجن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو