استادن جي ڀرتي، آءِ بي اي جي مشڪوڪ ٽيسٽ ۽ ڪمائي جو ذريعو؟

عبدالوحيد عباسي  

تازو انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن  ( آءِ بي اي ٽيسٽ )  وٺندڙ اداري پاران پاڪستان پيپلز پارٽي جي صوبائي حڪومت جي حڪم تي 43 هزار پرائمري اسڪول ٽيچر پي ايس ٽي ۽ جونيئر ايليمينٽري اسڪول ٽيچر جي اي ايس ٽيز ٽيچنگ ( استادن ) جي نوڪرين ڏيڻ لاءِ ٽيسٽ ورتي وئي آهي، انهن 43 هزار نوڪرين حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ جي لکين بيروزگار نوجوانن اپلاءِ ڪندي ٽيسٽون ڏنيون آهن، هرهڪ ٽيسٽ ڏيندڙ بيروزگار نوجوان کان 700 ، 700 ست سئو رپيا ورتا ويا آهن، اهڙي طرح مثال طور 7 لک نوجوانن في 700 رپيا جي حساب سان حڪومت سنڌ جي پئسا ڏنا ته 49000000 اڻونجاهه ڪروڙ رپيا ٿين ٿا پر انهيءَ کان وڌيڪ به ست سئو جو چالان پياريندڙ ٿي سگهن ٿا، معنيٰ ته ڪروڙين اربين رپيا حڪومت سنڌ جي خزاني ۾ اچي وڃن ٿا، هيءُ هڪ ٻه يا چار پنج ماڻهن جو معاملو ناهي پر هيءُ هزرين لکين بيروزگار ڪٽنبن خاندانن جي جياپي جو انيڪ ۽ گنڀير ترين معاملو آهي، سنڌ جي هر پاسي ٽيسٽ ڏيندڙن جا ٽولا يا ٽوليون نه پر بيروزگارن جا جٿا ۽ وڏا ميڙ ٽيسٽ ڏيڻ لاءِ جمع ٿيندي ڏسون ٿا ته دل ۾ خيال اچڻ لڳي ٿو ته هر سال اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين تعليمي ادارن مان تعليم حاصل ڪندڙ هزارين لکين نوجوان جڏهن سموريون ڊگريون حاصل ڪرڻ بعد پنهنجي عملي زندگي ۾ پير پائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ته انهن کي هميشه ڪرپٽ راشي ۽ بي ڍنگي مدي خارج سسٽم جي ور چڙهيل مافيائون وٽان مايوسيءَ جو منهن ڇاڪاڻ ڏسڻو پئي ٿو، جڏهن ته سڌريل معاشري ۾ بيروزگاريءَ جو تصور ئي ڪونهي پر پاڻ وٽ ته هميشه انهن خوشامدي، جي ميان، مفاد پرست ۽ لوڀي لالچي ماڻهو نوازيا ويندا آهن جڏهن ته ميرٽ جي لتاڙ ڪندي هوشيار محنتي ۽ اهليت رکندڙ نوجوان پوئتي ڪندي پنهنجين پارٽين تنظيمن جي اڳيان پويان جيئي جيئي ٽلڻ خان، زندهه زندهه آهي …..وغيره جهڙا  نعرا لڳائيندڙن چاپلوسي خوشامد ڪندڙن کي نوازيو وڃي ٿو، اهڙي طرح ميرٽ جو قدر نه ڪرڻ سبب جڏهن نا اهل، سست ۽ ڪاهل ماڻهو ادارن ۾ پهچن ٿا ته اتي ادارن جي بهتريءَ بجاءِ ڀينگ نظر اچن لڳي ٿي، تازو جيڪا نون استادن جي ايس ٽي ۽ پي ايس ٽيز جي ٽيسٽ ورتي وئي آهي اها ڪيڏي نه مايوس ڪندڙ ورتي وئي آهي، مثال ڏجي ٿو ته  هڪڙي ماڻهو اڳيان ديڳڙي پئي آهي، جڏهن روٽي ڪپڙا ۽ مڪان جي ڳالهه ڪئي وئي هئي ته پوءِ سنڌ جي عوام انهيءِ جي موٽ ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ سندس جي بهادر نياڻي شهيد محترمه بينطير ڀٽو جي انهيءَ نعري ۾ سچائي ڏسندي عوام ڀرپور موٽ ڏيندي سالن جا سال ايتري قدر جو هن وقت تائين گذريل 50 سالن کان سنڌ جو عوام پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ( پ پ پ ) کي پنهنجي گهر جي پارٽي تنظيم سمجهندي ووٽ ڪندو رهيو آهي پر بدقسمتيءَ سان هن عوام جي پارٽي پنهنجي انهي نعري کي پاسي تي رکي يا وساري ڪري جهڙي طرح بيروزگار نوجوانن کي مسلسل مايوس ڪري رهي آهي انهيءَ سبب ڪري هڪ طرف مهانگائي ۾ نوجوان ڌٻڻ ۾ ڦاسي پيو آهي ۽ پاتال جي انهي بند گليءَ ۾ بيروزگار پنهنجي محنت، جستجو ۽ لڳن سان مسلسل جدوجهد ڪندي پڙهائي اسٽڊي جاري رکندي نوڪري لاءِ خالي جاين اخبارن جي اشتهارن لاءِ آتو رهي ٿو، جڏهن هفتي جو آچر ڏينهن اچي ٿو ته بيروزگار نوجوان نيوز پيپرز ۾ SUNDAY NEWS PAPER S  وڏي شوق چاهه سان خريد ڪندا رهن ٿا ۽ اهڙي طرح بيروزگار پنهنجي قسمت آزمائڻ لاءِ خالي جايون ڳوليندا رهن ٿا ۽ آچر جون اخبارون اخباري اسٽالن تائين ائين وڪرو ٿي وڃن ٿيون ڄڻ آيون ئي نه هجن جڏهن ته ٻين ڏهاڙن کان وڌيڪ ڊبل اخبارون اچڻ لڳن ٿيون، بيروزگاري جو زهر انتهائي قرب ڏياريندڙ ۽ ڏکائيندڙ آهي، پيپلز پارٽي جي حڪومت پنهنجي قديم روايت کي برقرار رکندي بيروزگار نوجوانن جي واهر ڪرڻ  لاءِ ميدان عمل ۾ عملي نموني بڻجي بغير ڪنهن ريت فڪس جي پي ايس ٽي لاءِ 27 لک ۽ جي ايس ٽي لاءِ 32 لک جي لڳندڙ ٻولي ۽ ريٽ کي ختم ڪرائڻ لاءِ  زباني ڪلامي نه پر عملي طرح رشوت بازاري کي روڪرائڻ لاءِ قدم کڻن پوندا، ملڪ ۾ واحد سنڌ جو صوبو آهي جتي بيروزگاريءَ جي شرح سڀ کان وڌيڪ آهي، هن سنڌ صوبي جا پڙهيل لکيل نوجوان ميرٽ ۽ اهليت هوندي هر دفعي ڪنهن مائيءَ جي هائوس جي چوگرد نوڪرين جي لاءِ ڦرند رهن ٿا پر ڪو ڌڻي سائين نه هجڻ ڪري سڀ جو سڀ وزير ، مشير ۽ صلاحڪار بند زبان ۽ خاموش لفظن ۾ ڳالهائڻ چاهين پيا پر خاموش بت بڻجي وڃن ٿا ڇاڪاڻ ته انهن کي خبر آهي ته جيڪو به جمهوري پارٽيءَ ۾ ڳالهائيندو آهي اهو آئوٽ ٿي ويندو آهي ۽ ڳوليو نه لڀندو آهي، جيئن شهدادڪوٽ جو سردار جروار سان ڪيو ويو، جڏهن خاموش تماشائي جي ڪردار جي ضرورت پئجي وڃي ته پوءِ پارٽيون ۽ تنظيمون زوال طرف پنڌ ڪرڻ لڳدينديون آهن. عوامي پارٽي ۽ اسٽبليشمينٽ جي اشاري تي  حڪومت ڪرڻ ۾ ڏينهن رات جو فرق ٿئي ٿو، ضرور سڀني جي اڳيان هڪڙا ڀولڙا سليڪٽيڊ نالي ماڻهو به سامهون آهن جن کان پورو ملڪ تنگ ٿي پٽون ۽ پاراتا ڏيئي رهيو آهي ۽ وک وک تي بيزاريءَ جو اظهار ڪري رهيو آهي پر ڪنهن ۾ عزت نفيس جي ڪا شيءِ هوندي آهي، ڪو ضمير ملامت ڪندو آهي ته ڪلهه جي ڳالهين ۽ اڄ جي ڳالهين ۾ مون ڪيڏو فرق ڪيو آهي جو 70 سالن ۾ 25000 ارب تي هيو اهو هاڻي 3 سالن ۾ 45000 ارب  تي ٿي ويو آهي، ڊالر جيڪو 70 سالن ۾ 105  رپئي تائين پهتو هيو اهو هاڻي 3 سالن ۾ 165 رپين تائين پهتو آهي، کنڊ جيڪا 70 سالن  ۾ 55 کان 60 رپين تائين هئي اها هاڻي 3 سالن ۾ 115 تائين پهتي آهي، اهڙي طرح تعليم يافته پڙهيل لکيل نوجوانن ۾ بيروزگاري جيڪا 3 سيڪڙو هئي هاڻي 16 سيڪڙو تائين پهتي آهي، انهن 3 سالن ۾ غريب عوام جي رت چوسڻ کانسواءِ ڪهڙا ڪم ٿيا آهن ؟ .هاڻي ٻڌايو پيو وڃي ٿو ته جي اي ايس ٽي جي هڪ لک 60 هزار ٽيسٽ ڏيندڙ نوجوانن مان  صرف  1250 معنيٰ 99 سيڪڙو فيل ۽ صرف هڪ سيڪڙو پاس ڪري آءِ بي اي اداري پنهنجي ريموٽ ڪنٽرول تي هلڻ جو ثبوت ڏنو آهي، بيروزگار نوجوانن کان ٽيسٽ وٺڻ کان اڳ ۾ انهي اداري اها ڳالهه واضع ڇاڪاڻ نه ڪئي ته هيءَ ٽيسٽ پرائمري ۽ جي ايس ٽي استادن جي آهي نه ڪي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن  يا  سي ايس ايس جي ٽيسٽ آهي ؟ سوال اٿن ٿا ته ڇا اهڙي ٽيسٽ ايوانن ۾ ويٺل قومي يا صوبائي اسيمبليءَ جا ميمبر ڏيئي سگهن ٿا جيڪي آرڊر مٿان آرڊر جاري ڪندا رهن ٿا. اندازو ڪريو ته هڪ لک 60 هزار مان صرف 1250 هڪ سيڪڙو پاس باقي 99 سيڪڙو فيل ڪرڻ معنيٰ خطرناڪ قسم جي ٽيسٽ ئي نه پر انتهائي ڀيانڪ قسم جي مذاق بيروزگارن سان ڪئي وئي آهي. ملڪ جو اڪثريتي عوام بار بار مطالبو ڪندو رهي ٿو ته ووٽ وٺڻ لاءِ معيار مقرر ٿيڻ گهرجي گهٽ ۾ گهٽ انٽر نه ته پوءِ به ڏهين جماعت پاس ووٽ ڏيڻ جا اهل مقرر ڪريو ته جيئن ووٽ جي اهميت افاديت کي سمجهندڙ اهڙن نمائندن کي ووٽ ڏيئي سگهن جيڪي اسان ووٽرن مٿان نادر شاهي حڪم ناما جاري ڪرڻ کان اڳ ۾ ڪجهه سوچي سگهن ته بيروزگارن سان مذاق ڪرڻ انهن لکين بيروزگارن جي جذبات سان کيڏڻ برابر عمل آهي، خدارا بيروزگارن جي پٽن ۽ پاراتا کان پاڻ کي محفوظ بڻايو ۽ اها ٽيسٽ ورتي وڃي جيڪا توهان وزير ۽ ڪامورا توهان ۽ توهان جي اولاد به ڏيئي سگهي، ياد رکو ته عروج کي زوال آهي ڪٿي آهي يحييٰ، ايوب ،ضياءِ، آمر مشرف اهڙي طرح قتدار جي نشي ۾ مست رهندڙ پنهنجي عوام ووٽرن جي جذبات جي صحيح عڪسي ڪري انهن بيروزگارن کي مهذب انداز ۾ ميرٽ جي لتاڙ کان محفوظ بڻائيندي روزگار ڏيو، جيئن پ پ حڪومت ۾ پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه ۽ سندس جي ساٿي ٽيم جو ڀرم رهجي وڃي تاريخ ۾ سونهري اکرن ۾ 43 هزار بيروزگار نوجوانن کي نوڪريون ڏيڻ جو عملي ڪرڊيٽ اچڻ لڳي. باقي مسخري ۽ مذاق جي موڊ ۾ سنڌ جا لکين بيروزگار ناهين. اهڙي ٽيسٽ رکو جيڪا انهن جي نصاب جي سطح جي هجڻ گهرجي باقي هڪ سوال ۽ انهيءَ جا چار آپشن ۽ انهن آپشنن ۾ به جڏهن ٻه جواب ڏنا وڃن ته پوءِ جواب درست ٿئي، وري جيڪڏهن ٻن آپشنن کي ٽڪ ڪيو وڃي ته وري جواب غلط تصور ڪيو وڃي ٿو، جيڪڏهن هڪ کي ٽڪ ڪجي ٿو ته پوءِ جواب اڌورو ۽ نامڪمل ٿئي ٿو، سوال انهن جي نوڪري متعلق انهن جي نصاب مطابق هجڻ گهرجن باقي مڙيئي رولو وجهڻ لاءِ يا ڀوتارن جي ونگار وهڻ ۽ رشوت بازاري ۽ ريٽ فڪس ڪرڻ جي بهاني لاءِ  اهڙا حربا استعمال ڪرڻا آهن ته پوءِ ڇا جي لاءِ اشتهار ڏنا ويا ته جايون خالي آهن رڳو ايترو لکي ڇڏيو ها ته فلاڻي نوڪري جو ريٽ ايترا لک ۽ ٽيريءَ نوڪريءَ لاءِ هيترا لک ته ماڻهو سنئون سڌو خريد فروخت ۾ لڳي وڃن ها. خدارا هن مرحلي کي خالص صاف، شفاف ۽ ميرٽ اهليت جي بنياد تي نوڪريون ڏنيون وڃن ۽ بيروزگاريءَ جي باهه کي وسائڻ جي ڪوشش ڪريو ته توهان جو تاريخ جي ورقن ۾  سونهري اکرن ۾ ذڪر ڪيو ويندو.       

پهنجو تبصرو موڪليو