اسان هيروز جي لاءِ ترسي ويا آهيون: تزين حسين

اسان هيروز جي لاءِ ترسي ويا آهيون: تزين حسين

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)اداڪاره تزين حسين پاڪستان ايئر فورس ايئر وائيس مارشل (اي وي ايم) اورنگزيب احمد جي شهرت تي چيو آهي ته اسان هيروز جي خواهش رکون ٿا، اسان کي اهڙن ماڻهن جي ضرورت آهي جيڪي پاڻ اڳواڻي ڪن، فيصلا ڪن ۽ مسئلا حل ڪن.سينئر اداڪاره تزين حسين پنهنجي ڪيريئر جي شروعات 1997 ۾ هڪ مشهور پي ٽي وي ڊرامي سان ڪئي، تازو ئي هوءَ هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ نظر آئي.هن ايئر وائيس مارشل اورنگزيب احمد جي غير معمولي شهرت، عوامي ردعمل ۽ نوجوانن ۾ سندس مقبوليت جي سببن تي هڪ سنجيده ۽ دل کي ڇهندڙ تجزيو پيش ڪيو.تزين حسين چيو ته هو صرف پرڪشش يا سهڻو ناهي، مان سندس بهادري ۽ قرباني جي دل جي گهراين سان تعريف ڪريان ٿي. مان کيس سلام پيش ڪريان ٿي، پر حقيقت اها آهي ته اسان جو سماج هيروز کان محروم ٿي چڪو آهي، اسان کي اهڙن ماڻهن جي ضرورت آهي جيڪي پاڻ اڳواڻي ڪن، فيصلا ڪن ۽ مسئلا حل ڪن. جڏهن هن جهڙو ڪو ماڻهو اچي ٿو، ته اسان سڀ پنهنجون سڀ اميدون هن تي لڳائي ڇڏيون ٿا، اسان وٽ رول ماڊلز جي وڏي کوٽ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو