اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير مريم اورنگزيب پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ تي ردعمل ۾ چيو آهي ته عالمي سطح تي اگهن ۾ واڌ سبب اسان کي پيٽرول مهانگو ڪرڻو پيو.پريس ڪانفرنس ڪندي مريم اورنگزيب چيو اسان کي خبر آهي ته حڪومت ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ختم ٿي ويندي، چوائس هئي ته اهو فيصلو نه ڪيون ها ۽ نگران حڪومت تي ڇڏي ڏيون ها پر اسان جو هر فيصلو ملڪ کي ڏيوالي کان بچائڻ ۽ قوم جي مفاد ۾ آهي. هن چيو اسان ڄاڻون ٿا ته پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جهڙن فيصلن سان عوام ۾ ڪاوڙ جي لهر پيدا ٿيندي آهي، وزيراعظم ان معاملي تي رات دير تائين ٽيم سان گڏ ويٺو رهيو. سندس چوڻ هو ته جڏهن اسان حڪومت سنڀالي ته ملڪ جو ڏيوالو ٿيڻ وارو هو، چيو ويو ته حالتون ٺيڪ ناهن، حڪومت نه وٺو پر اسان رياست کي بچائڻ لاءِ سياست کي داءَ تي لڳايو ۽ گذريل 15 مهينن ۾ وڏو ڪم ڪيو.










